اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ??تا?? ترڪيه سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻ??هي ملڪن جي عوام گهري ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ پ??ڪ??تا?? ترڪيه سان گڏ بيٺل آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ترڪيه ۽ پاڪ??تا?? جي عوام مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته 1923ع ۾ ڪمال اتاترڪ جديد ترڪيه جو بنياد رکيو، ترڪيه تباهي آڻيندڙ زلزلن ۽ ٻوڏن کانپوءِ پاڪ??تا?? جي امداد ڪئي جنهن سان پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي. نائب وزيراعظم چيو ته ترڪيه ڪورونا جي وبا دوران ۽ عالمي فورمز تي پاڪ??تا?? جي سدائ??ن حمايت ڪئي. هن چيو ته ترڪيه پاڪ??تا?? کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ جي لاءِ پڻ ڀرپور تائيد ۽ حمايت ڪئي، پاڪ??تا?? سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ 2 سالن جي مدي لاءِ پهرين جنوري 2025ع کان سنڀالي رهيو آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ دوستاڻن لاڳاپن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪ??تا?? ترڪيه کي دهشتگردي جي تدارڪ سميت سمورن اهم مسئلن تي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته ترڪيه ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي دنيا جي بي شمار فورمز تي سدائ??ن حمايت ڪئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطينين سان غزه ۽ بيروت ۾ اسرائيل جي جاري وحشياڻي ظلمن تي دنيا جي ٻٽي معيار تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي برادري غزه ۾ جاري ظلمن کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪ??تا?? فلسطيني ڀائرن جي لاءِ دنيا جي هر فورم تي آواز اٿاريندو رهندو. هن والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل پاران جاري نسل ڪشيءَ بند ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه کي فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل آزاد فلسطين جي قيام جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ترڪيه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، پاڪ??تا?? ۾ رهندڙ ترڪيه جي شهرين، معززين ۽ سول ۽ فوجي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ تقريب جي شروعات پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي قومي ترانن جي ڌُنن سان ٿي.
پاڪستان ترڪيه سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ