اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته بنگلاديش، ويٽنام ۽ سريلنڪا جهڙن ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ترقيءَ جو سڀ کان وڏو سبب سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل آهي، ڪنهن به قوم جي ڪاميابيءَ لاءِ 4 اهم عنصر امن، استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ مسلسل سڌارا آهن. گذريل ڏينهن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بئنڪنگ اينڊ فنانس، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي 25 سينيئر آفيسرن کي منصوبا بندي وزارت جي سينيئر آفيسرن طرفان منصوبا بندي وزارت جي پي ايس ڊي پي پروگرام ۽ ان ۾ منصوبا بندي وزارت جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. ان گروپ ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل جوائنٽ ڊائريڪٽرز شرڪت ڪئي ته جيئن پاڪستان کي درپيش اُڀرندڙ سماجي ۽ اقتصادي چئلينجز کي بهتر انداز ۾ سمجهي سگهون. ان موقعي تي وفاقي وزير چي?? ته اهي ملڪ جن مستحڪم معاشي ترقيءَ جو سفر طئي ڪيو آهي انهن کي گهڻي مُدي واري ??ڪومتي قيادت دستياب رهي آهي. هن بنگلاديش، ويٽنام ۽ سريلنڪا جو مثال ڏيندي ٻُڌاي?? ته انهن ملڪن ۾ مستقل مزاج حڪومتي پاليسيون انهن جي تيز رفتاري ??رقيءَ جو سبب بڻيون آهن. هن ٻُڌاي?? ته 1998ع ۾ پيش ڪيل ويزن 2010ع، 1999ع جي مارشل لا کان متاثر ٿيو. اهڙيءَ طرح 2013ع ۾ شروع ڪيل ويزن 2025ع جنهن جو مقصد پاڪستان کي عالمي معيشتن ۾ سرفهرست 25 ملڪن ۾ ??ام?? ڪرڻ هو، 2018ع ۾ قيادت ۾ تبديليءَ کانپوءِ چئلينجز جو شڪار ٿي ويو. هن چي?? ته اهي سياسي تبديليون پاڪستان جي مستحڪم ترقيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيون. سي کي پاڪستان جي معيشٽ ۾ بنيادي عنصر قرار ڏيندي هن چي?? ته سي پيڪ 3 سالن ۾ 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ??اصل ڪئي آهي جيڪا اسان جي معيشت تي انقلابي اثر ظاهر ڪري ٿي. هن چي?? ته سي پيڪ پاڪستان لاءِ هڪ گيم چينجر آهي جيڪو نه صرف انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري ??ڻي رهيو آهي پر ترقياتي حصيداريءَ کي به هٿي ڏئي رهيو آهي. ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چي?? ته قومي مالياتي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مشڪل پاليسي فيصلا اڻٽر آهن. هن چي?? ته آءِ ايم ايف جي گذريل حڪومت جي شرطن تي عملدرآمد لاءِ حڪومت تعليم، معيشت ۽ صحت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ سڌارا ڪيا، حڪومتي ترجيحن جو ذڪر ڪندي هن برآمدي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو، جنهن کي پاڪستان جي پيداواريت کي وڌائڻ ۽ عالمي سطح تي پاڪستاني شين جي هاڪاري ??اثر لاءِ لازمي قرار ڏنو. هن چي ته اسان جي برآمدي صلاحيت ۾ اضافو پاڪستاني مصنوعات لاءِ عالمي مارڪيٽن ۾ هڪ مضبوط ۽ قابلِ اعتماد نالو ٺاهڻ لاءِ ضروري ??هي.
بنگلاديش، ويٽنام ۽ سريلنڪا جهڙن ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ترقيءَ جو سڀ کان وڏو سبب سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو