اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته اسان سڀني کي عالمي دنيا وچ ۾ امن، رواداري ۽ گڏيل بقا جي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ گهرجي، عالمي قانون ۽ انساني حق?? جي کليل ڀڃڪڙي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي. اسان کي ناانصافي ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ امن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي حاصل نٿي ڪري سگهجي. دنيا ۾ ترجيح تڪرارن بدران انسانيت کي درپيش ??سئلن جو حل هئڻ گه??جي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت ام?? جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي دنيا وچ ۾ ام?? جي اصولن سان پنهنجي وابستگي جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته هلندڙ سال ام?? جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”ام?? جي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ“ آهي. اسان سڀني کي سڄي دنيا وچ ۾ امن، رواداري ۽ بقا واري گڏيل ڪلچر کي هٿي وٺائڻ گه??جي. اڄ دنيا جي مختلف علائقن ۾ جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ سميت ٻيا تڪرار درپيش آهن. صدر مملڪت چيو ته تڪرار عالمي طور تي امن لاءِ خطرو آهن. اسرائيل فلسطين ۾ دهشتگردي جي بازار گرم رکي آهي.اسرائيل هزارين ماڻه?? جي غزه ۾ قتل عام سان فلسطيني?? جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، صدر مملڪت چيو ته هندو پرست ??ان متاثر مودي حڪومت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ سنگين انساني حق?? جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي، مودي حڪومت ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن کي ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻايو آهي. ڀارت مسلمانن کي انه?? جي بنيادي حقن کان محروم رکيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته عالمي قانون ۽ انساني حقن جون کُليل خلاف ورزيون دنيا ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن، اسان کي ناانصافي ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا کي تڪرارن کي ترجيح ڏيڻ بدران انسانيت کي درپيش ??سئلن کي حل کي ڏيڻ گه??جي. غربت، بک، ناانصافي، ظلم، اڻبرابري ۽ انساني حق?? جي خلاف ورزي?? جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو. دنيا ۾ امن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي حاصل نٿي ڪري سگهجي. صدر مملڪت چيو ته اچو ته امن، رواداري ۽ انساني وقار جي احترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون. اسان سڀ گڏجي هڪ پرامن مستقبل ۽ بهتر دنيا جوڙي سگهون ٿا ۽ هڪ اهڙي دنيا قائم ڪري سگهون ٿا ته جتي اسان جا ايندڙ نسل امن ۽ هم آهنگي سان رهي سگهن.
عالمي دنيا وچ ۾ امن، رواداري ۽ گڏيل بقا جي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ گهرجي، عالمي قانون ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش