ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي و??ي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آھي ته ??يران ۾ سنڌ واسي پاڪستاني زائرين سان پيش آيل روڊ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تمام گھڻو ڏک پھتو آھي. ھن ايران جي شھر يزد ۾ روڊ حادثي ۾ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظھار ڪيو. و??ي وزير کي آگاھي ڏني وئي ته لاڙڪاڻي مان ڪربلا (عراق) ويندڙ بس کي ايران جي شھر يزد ۾ حادثو پيش آھي جنھن ۾ 35 زائرين شهيد ٿي ويا ۽ 18 زخمي ٿيا آهن، جڏھن ته ??س ۾ گڏيل طور تي 53 مسافر سوار ھئا. و??ي وزير صوبائي وزير سيد ناصر حسين شا??ه کي ھدايت ڏيندي چيو ته ??يران ۾ متاثر خاندانن جي ھر ممڪن مدد ڪئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ قائم ايران جي قونصل جنرل سان رابطو ڪيو وڃي ته ??يئن متاثرن جي ترت مدد ڪري سگھجي. ھن وڌيڪ چيو ته ??ادثي جي فوتين جا مڙھ آڻڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن. و??ي وزير سيد مراد علي شاھ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاھ کي حڪم ڏيندي چيو ته پرڏيھي وزارت سان رابطو ڪيو وڃي ۽ فوتين جا مڙھ وطن آڻڻ لاءِ ترت اپاءَ ورتا وڃن ۽ زخمين کي بھترين طبي سھولتون فراھم ڪيون وڃن ۽ سندن واپسيءَ لاءِ سفري سھولتن جو بندوبست ڪيو وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير پاران ايران ۾ سنڌ واسي زائرين سان پيش آيل روڊ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ