اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ 100 بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آه??، جنهن کي نيشنل پوليس فائونڊيشن ۽ ترڪيه جي نجي ڪمپني جي سهڪار سان تعمير ڪئي ويندي، هن اسپتال جي تڪميل سان پوليس جي جوانن، انهن جي ڪٽنبن ۽ عام شهرين کي صحت جون جديد سهولتون ملنديون. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ک?? خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته انٽرنيشنل اسپتال جو هي منصوبو نيشنل پوليس فائونڊيشن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن نيشنل پوليس فائونڊيشن جي نون منصوبن جي واکاڻ ڪندي چيو ته صابر احمد جي آمد نيشنل پوليس فائونڊيشن کي ٻيهر متحرڪ بڻائي ڇڏيو آه??، ان جي سموري آ??دن?? شهيدن ۽ پوليس جي ويلفيئر تي لڳائي پئي وڃي. گهرو وزير چيو ته شهيد ۽ پوليس جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هي اسپتال ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آه??، نيشنل پوليس فائونڊيشن ۽ سي ڊي اي جي گڏيل سهڪار سان نئين منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آه?? ۽ هي منصوبو صرف اسلام آباد تائين محدود نه هوندو پر صوبن ۾ به شهيدن ۽ پوليس جي جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته نيشنل پوليس فائونڊيشن ويجهڙ ۾ حيدرآباد ۾ شهيدن ۽ جوانن لاءِ هڪ منصوبو مڪمل ڪيو آه??. ان اسپتال جي تعمير لاءِ نيشنل پوليس فائونڊيشن زمين فر??هم ڪئي آه?? جڏهن ته اسپتال جي تعمير مڪمل طور ترڪيه جي هڪ ڪمپني ڪري رهي آه?? جنهن جي لاڳت 5 ارب روپيا آه??. گهرو وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن پوليس جي جوانن کي وڌيڪ بهتر تربيت فر??هم ڪري سگهجي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير اسلام آباد ۾ سئو بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں