اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪ??تا?? معاشي استحڪام طرف گامزن آهي، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابين جو ڪريڊٽ پوري حڪومتي ٽيم کي و??ي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدار?? ۾ ??سلم ليگ (نواز) جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم حڪومتي معاشي پاليسين، ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ سياسي صورتحال تي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن پڻ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم جي قياد?? ۾ ??لڪي معاشي استحڪام جي لاءِ قدمن ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابين تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪ??تا?? معاشي استحڪام طرف گامزن آهي، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابين جو ڪريڊٽ پوري حڪومتي ٽيم کي و??ي ٿو. وزيراعظم چيو ته مون کي پورو اعتماد آهي ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رکي ته پاڪ??تا?? جون معاشي حالتون انشاءَ الله جلد ٺيڪ ٿي وينديون، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام کي وڌ کان وڌ ريليف پهچايون. وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جي اجلاس ۾ شرڪت تي انهن جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان معاشي استحڪام طرف گامزن آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن