اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جو عزم آ??ي ته ملڪ ۾ هر ٻار ??ول??و کان محفوظ هجي، پاڪس??ان حڪومت روٽري انٽرنيشنل جي پروگرامز ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان روٽري انٽرنيشنل جي صدر ??سٽ??فيني ارچڪ جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ ٿومس اينٿوني گمپ، محمد فيض قدوائي، عبدالعزيز ميمڻ ۽ مسرور شيخ شامل هئا. وفد نگران وزيراعظم کي پاڪس??ان سمارٽ وليج پروگرام ۽ ??ول??و جي خاتمي جي حوالي سان روٽري انٽرنيشنل جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. نگران وزيراعظم ??سٽ??فيني ارچڪ کي روٽري انٽرنيشنل جي پهرين عورت صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم روٽري انٽرنيشنل جي پاڪس??ان ۾ ??ول??و جي خاتمي، تعليم ۽ ٻين شعبن جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پاڪس??ان ۾ ??ول??و جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري ۽ ترقياتي ادارن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، اسان جو عزم آ??ي ته ملڪ ۾ هر ٻار ??ول??و کان محفوظ هجي. هن چيو ته پاڪس??ان حڪومت روٽري انٽرنيشنل جي پروگرامز ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، اميد آهي ته روٽري انٽرنيشنل پاڪس??ان ۾ پنهنجي پروگرامز جي پهچ ۾ اضافو ڪندي. وفد نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته روٽري پاڪس??ان سمارٽ وليج پروگرام جدت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو، غريب ترين طبقي جي لاءِ شروع ڪيل اهي سمارٽ ويليج زراعت کي فروغ ڏيڻ، قابل تجديد توانائي جي نظام مان فائدو کڻڻ، پاڻي جي نيڪالي ??ي انتظام کي بهتر بڻائڻ، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلين ??ي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روٽري انٽرنيشنل پاڪس??ان ۾ 8 لک ڪتاب عطيو ڪري چڪو آهي جنهن مان 2 لک ڪتاب رڳو بلوچس??ان صوبي ۾ ورهايا ويا آهن. وفد نگران وزيراعظم کي 10 هزار وڌيڪ ڪتابن جو تحفو پيش ڪيو جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ورهايا ويندا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪس??ان جي ڏورانهن علائقن ۾ روٽري انٽرنيشنل جون موبائيل لائبريريز ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۽ خواندگي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ملاقات ۾ قومي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
اسان جو عزم آهي ته ملڪ ۾ هر ٻار پوليو کان محفوظ هجي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil