اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پا??ست??ن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ جي سدائين حمايت ڪندو رهندو، پا??ست??ن جي پرڏيهي پاليسي جو مقصد پوري دنيا ۾ امن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي، پا??ست??ن اقتصادي سفارڪاري کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ فلسطين ڪاز جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت ۾ 4 کان 6 جون دوران جاري رهندڙ سفيرن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ اهم گادي وارن شهرن مان پا??ست??ن جا سفير شرڪت ڪري رهيا آهن ۽ پا??ست??ن جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن تي غور فڪر ڪيو پيو وڃي. ن??را?? پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي آجيان ڪندي سفيرن واري ڪانفرنس ۾ مباحثي جي فريم ورڪ ۽ عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پا??ست??ن جي لاءِ سفارتي چئلينجز ۽ موقعن بابت هڪ مباحثي فورم جي طور تي ان جي اهميت جو خاڪو پيش ڪيو. هن پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ پرڏيهي آفيس جي اهم ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پنهنجي اهم خطاب ۾ ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پا??ست??ن جي پرڏيهي پاليسي کي موجوده دور جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ان جي طرز عمل بابت اهم ضرورتن بابت پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پا??ست??ن جي پرڏيهي پاليسي کي ملڪ جي هڪ ترقي پسند، معاشي طور تي ترقي يافته رياست جي ويزن جي طور تي رهنمائي ڪرڻ گهرجي جيڪا پنهنجي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي کي ترجيح ڏي ٿي، پا??ست??ن جي پرڏيهي پاليسي جو مقصد پوري دنيا ۾ امن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي. ن??را?? وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن سان گڏ بيٺل رهندو، اقتصادي سفارتڪاري کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ فلسطيني ڪاز جي حمايت جاري رکندو. هن ڪانفرنس کي خطي ۽ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين جي پس منظر ۾ وقت سر ۽ لاڳاپيل قرار ڏنو. هن پا??ست??ن جي سفارتڪاري تي پنهنجي اعتماد جو ورجاءُ ڪيو ۽ سفارتڪارن جي سخت مشڪلاتن جي باوجود بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي انهن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ غور فڪر سان پا??ست??ن جي پرڏيهي پاليسي کي موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي تجويزون ملنديون. ن??را?? وزيراعظم پرڏيهي آفيس ۽ پا??ست??ني سفارتڪارن جي لاءِ پا??ست??ن جي مفادن جي تحفظ ۽ عالمي سطح تي پا??ست??ن جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ جي سدائين حمايت ڪندو رهندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز