اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زينب الرٽ ريسپانس ا??نڊ ريڪوري ايڪٽ (زيڊ اي آر آر اي) بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ٻارن جي تحفظ جي لاءِ ان کي موثر لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، سمورن صوبن جي پوليس ۽ زينب الرٽ ريسپانس ا??نڊ ريڪوري ايجنسي سميت مختلف ڌرين جي وچ ۾ موثر رابطه ڪاري ۽ معلومات جي فوري حصيداري گم ۽ اغوا ٿيل ٻارن جي وقت سر با??يا??ي ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ زينب الرٽ ريسپانس ا??نڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري الهڏنو خواجه، آءِ جي اسلام آباد، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب پوليس جي ايڊيشنل آءِ جيز، اين جي اوز جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري زينب الرٽ ريسپانس ا??نڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌاي?? ته 2020ع کان هيستائين 2246 ٻارن جي گم ٿيڻ جا ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. هن زينب الرٽ ريسپانس ا??نڊ ريڪوري ايڪٽ جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پي ايم پورٽل تي ڊيٽا کي محفوظ رکڻ ۽ ZARRA اينڊ رائڊ ايپ لانچ ڪرڻ کانسواءِ پوليس سان ڪوآرڊينيشن مڪينزم پڻ قائم ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ضلعي ۽ ڪميونٽي جي سطح تي پوليس آفيسرن جي لاءِ تربيتي ماڊيول جوڙڻ تي اتفاق ڪيو وي?? ته جيئن گم ٿيل ٻارن جي جلد با??يا??ي جي لاءِ فوري ۽ وقت سر ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ انهن کي آگاهه ڪري سگهجي.
زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ٻارن جي تحفظ جي لاءِ ان کي موثر لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری