اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان برطانيا، جمهوريه ڪوريا ۽ ملاوي سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي فر??غ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. صدر اها ڳالهه پاڪس??ان ۾ برطانيا ۽ ملاوي ج?? نامزد هاءِ ڪمشنرز ۽ جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير سان ڳالهائيندي ڪئي ج?? پنهنجون سفارتي سندون صدر کي پيش ڪيون ۽ ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪس??ان ۾ برطانيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان برطانيا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جيڪي تاريخي رابطن ۽ عوامي پائيدار رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻ??هي ملڪن کي گڏيل مفاد جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فر??غ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سماجي ۽ اقتصادي ??رقي ۾ حصيداري کي پڻ ساراهيو. صدر ثقافتي رابطن ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو۔ هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻئي حڪومتون وڌيڪ مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارا لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي واقعن جي روڪٿام ۽ حوصلا شڪني ج?? ضرورت آهي. جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير پارڪ ڪي ج??ن سان ڳالهائيندي ??در چيو ته پاڪس??ان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطا شامل آهن. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي زبردست صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪس??ان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ج?? لاءِ کليل آهي ۽ پنهنجي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري ج?? آجيان ڪندو. هن ٻڌايو ته پاڪس??ان انتهائي پرڪشش ڪوهه پيمائي ۽ ٻڌمت جون مذهبي جايون رکندڙ ملڪ آهي ۽ هو ڪوريائي سياحن کي انهن جاين جو دورو ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو. پاڪس??ان ۾ ملاوي ج?? نامزد هاءِ ڪمشنر يونس عبدالڪريم سان ڳالهائيندي ??در ملاوي سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ پاڪس??ان کي اجاگر ڪيو جيڪي گڏيل مفادن، قدرن ۽ هدفن تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪس??ان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فر??غ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
پاڪستان برطانيا، جمهوريه ڪوريا ۽ ملاوي سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ