ٽوڪيو-02 جولاءِ (اي پي ??ي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني ڄاون ۽ ذڪر جوڳن جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان پاڪستان سان سيڙپڪاري ۽ واپار جي امڪانن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جاپان ۾ پاڪستان جي متحرڪ پاڪستاني ڄاون کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڪستان لاڳاپن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ڏسڻ منهنجي لاءِ اطمينان جوڳو آهي. اڄ منهنجي ان جي ڪجهه نمائندن سان ملاقات ٿي ۽ جاپان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ڪاروبار واپار کي هٿي ڏ??ڻ تي خيالن جي ڏ?? وٺ ٿي، جاپان جي پنهنجي دوري دوران مون هڪ آجياڻي ۾ ذڪر جوڳين جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان پڻ ڳالهيون ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي لاءِ اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته هو ايگزيڪيٽوز پاڪستان ۽ جاپان جي واپار، زراعت، ٽيڪنالاجي، تعليم، هنرمن?? افرادي قوت، ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ صاف توانائي سميت ٻين شعبن ۾ موجود گنجائش ۽ سيڙپڪاري مان فائدو حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن. پرڏيهي وزير جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) ۽ جاپان ايڪسٽرنل ٽريد آرگنائيزيشن جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي، ملاقاتن ۾ آصفه ڀٽو پڻ موجود هئي.
بلاول ڀٽو جي ٽوڪيو ۾ پاڪستاني ڄاون ۽ ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔