اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان فلسطين جي جنين پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي قابض فو?? جي تازي ڇاپي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ 14 سالا ٻار سميت 4 فلسطيني شهيد ۽ 40 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪريون ٿا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ع??لمي برادري تي زور ڏيون ٿا ته اها فلسطيني عوام جي تحفظ جي لاءِ فو??ي قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ??ه مسئلي جو پرامن حل ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ ۾ آهي، اسان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين ج?? هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا جنهن جو گادي وارو شهر القدس شريف هجي.
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل