پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي مل??ي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، فوجي ٺڪاڻن ۽ سول مل??يتن تي حملو ڪندڙ، اتساهيندڙ، هدايتون ڏيندڙ ۽ منصوبابندي ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، پوري قوم عمران نيازي جو مڪروهه چهرو ۽ ٻهروپيو ڏسي ورتو آهي، جن تي اڳ ۾ پنهنجي حڪومت هٽائڻ جي سازش جو الزام هنيو انهن کان ئي اڄ مدد گهري رهيو آهي. گورنر هائوس پشاور ۾ سياسي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 9 مئي جا واقعا انتهائي مذمت جوڳا آهن. وزيراعظم چيو ته هن ريڊيو پاڪستان جي عمارت جو دورو ڪيو آهي ۽ اتان جي صورتحال ڏسي انتهائي افسوس ٿيو آهي، اهڙي طرح جون ڪارروايون ته دهشتگرد ڪندا آهن، 9 مئي جا واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن، 9 مئي تي پوري مل?? ۾ دهشتگردي ڪئي وئي ۽ اهو ڏينهن مل?? جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن هو، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سول مل??يتن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو ويو، عمران نيازي جي حڪم تي جٿن اها شرپسندي ڪئي، انهن کي باقاعده هدايتون ڏنيون ويون ته هنن هنن جاين تي ڪارروايون ڪرڻيون آهن، انهن واقعن جو اسان جي معاشري تي گهرو اثر پيو آهي، 75 سالن ۾ ڪنهن کي ائين ڪرڻ جي جرئت نه ٿي، مل?? ۾ وڏا وڏا واقعا ۽ حادثا ٿيا پر تحمل، بردباري ۽ برداشت سان انهن حادثن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏنو ويو، سياسي پارٽيون احتجاج ڪنديون آهن پر انهن جو احتجاج پرامن هوندو آهي، ڪڏهن ڪنهن فوجي ٺڪاڻن تي ائين حملا نه ڪيا، پهريون ڀيرو اهڙا واقعا ٿيا آهن، حڪومت جي ذميواري آهي ته جن ڀڃ ڊاهه ڪئي، منصوبابندي ڪئي، هدايتون جاري ڪيون، ماڻهن کي اتساهيو ۽ گارگند ڪئي، فوجي ۽ سول ٺڪاڻن تي حملا ڪيا اهي ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، وڏي مشاورت کانپوءِ اهو طئي ٿيو آهي ته سول مل??يتن تي حمل?? ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿيندي ۽ انهن کي ثبوت سان گڏ ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو جڏهن ته فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ آئين پاڪ فوج کي جيڪي اختيار ڏنا آهن انهن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ جتي جتي به اهي واقعا ٿيا ذميوارن جي خلاف قانون تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو به ملوث هوندو ان سان قطعي طور تي ڪا به رعايت نه ٿيندي ڇو ته جيڪڏهن انهن کي سخت سزا نه ڏني وئي ته ان سان مل?? کي ناقابل تلافي نقصان ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي ۽ ان جو جٿو اهڙن مل??ن جن تي هو اڳ ۾ پنهنجي حڪومت ختم ڪرڻ جو الزام هڻندو هو اڄ انهن کي اپيلون ڪري رهيو آهي ۽ انهن کان مدد گهري رهيو آه??. و??يراعظم چيو ته قوم عمران نيازي جو مڪروهه چهرو ۽ ٻهروپيو ڏسي ورتو آهي، هاڻي قانون حرڪت ۾ ايندو، ريڊيو پاڪستان 13 ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي آزادي جي خوشخبري ٻڌائي هئي ان جي تاريخي ورثي کي تباهه ڪيو ويو، ان کان وڌيڪ دشمني ۽ تباهي ڪهڙي ٿي سگهي ٿ??. و??يراعظم چيو ته اڄ مون پشاور ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي آهي ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو آهي، ان حوالي سان تمام سٺي اڳڀرائي ٿي آهي، ان تي صوبائي حڪومت، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي.
9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، فوجي ٺڪاڻن ۽ سول ملڪيتن تي حملو ڪندڙ، اتساهيندڙ، هدايتون ڏيندڙ ۽ منصوبابندي ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات