اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ ڪيس ۾ ناقص بنيادن تي غيرضروري قانوني چاره جوئي جي حوصلا شڪني جي ??اءِ جوابدار تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اصل ڪيس جي ڪارروائي اڃا التوا هيٺ آهي جنهن ۾ هراسمينٽ جي حقيقت جو پتو لڳائڻ جي ??اءِ ثبوت رڪارڊ ڪرڻ باقي آهي، جوابدار ڪارروائي کي ڊيگهه ڏيڻ جي ??اءِ غيرضروري طو?? تي درخواست د??خل ڪئي. صدر چيو ته اهڙي رجحان جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي ڇو ته اهو وقت حاصل ڪرڻ جي حربي کانسواءِ ڪجهه نه آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اها طئي ٿيل ڳالهه آهي ته ڪنهن به ڌر کي جلدي ۾ اپيل د??خل ڪرڻ جي اجازت نه آهي، اپيل سان نه رڳو محتسب پر صدر جو قيمتي وقت ضايع ٿيو. تفصيل موجب سکر ۾ مقرر اي??رپورٽ سيڪي??رٽ?? فورس (اي اي?? ايف) جي عورت اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر اي اي?? آءِ (شڪايت ڪندڙ) کي اي??رپورٽ مئنيجر مبينا طو?? تي هراسان ڪيو. الزامن موجب جوابدار عورت کي شادي جي ??اءِ دٻاءُ وڌو جڏهن ته شادي جي چئن مهينن جي اندر ئي جوابدار ان سان بدسلوڪي شروع ڪري ڇڏي، فيبروري 2022ع ۾ جوابدار عورت کي طلاق ڏني ۽ بعد ۾ گڏ رهڻ جي ??اءِ دٻاءُ وڌو، جوابدار اي??رپورٽ مئنيجر جي حيثيت سان نوڪري ختم ڪرڻ جي ??ڻ ڌمڪي ڏني ۽ اڻوڻندڙ واٽس ايپ پيغام موڪليا. شڪايت ڪندڙ هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب ڪيس تي محتسب جي دائره اختيار جي حوالي سان جوابدار جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو. جوابدار محتسب جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل د??خل ڪئي جنهن کي صدر به رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي ??يصلي ۾ چيو ته جوابدار فضائي سفر جو ڪرايو ادا ڪري، عورت کي ٻڌڻي جي ??اءِ ڪراچي کان اسلام آباد جو سفر ڪرائي وڌيڪ ذهني ۽ مالي مشڪلاتن ۾ وڌو ويو، جوابدار شڪايت ڪندڙ کي به ناقص بنيادن تي د??خل درخواست سان ٻڌڻي جي ??اءِ غيرضروري طو?? تي تڪليف ڏني. صدر چيو ته غيرضروري قانوني چاره جوئي جي اهڙي طرح جي رجحان جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، معاملا اڪلائڻ ۾ غيرمعمولي دير کي روڪڻ جي ??اءِ ناقص بنيادن تي اپيل جمع ڪرائيندڙ ڌر تي ڏنڊ هڻڻ مناسب آهي، ثبوتن جي ڇنڊڇاڻ کانسواءِ ڪيس ۾ فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي. صدر جوابدار جي اپيل رد ڪندي شڪايت ڪندڙ جي ??وائي سفر جا خرچ جوابدار تي هڻي ڇڏيا. هن چيو ته محتسب ڪارروائي 90 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ۽ جوابدار پاران شڪايت ڪندڙن کي هوائي جهاز جي ڪرايي جي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي.
صدر عارف علوي هراسمينٽ ڪيس ۾ ناقص بنيادن تي غيرضروري قانوني چاره جوئي جي حوصلا شڪني لاءِ جوابدار تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری