اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف را??لپنڊي انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽر??نسپلانٽيشن ۾ علاج جي سهولتن جي باقاعده شروعات جو افتتاح ڪري ڇڏيو. و??ير??عظم انسٽيٽيوٽ جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ علاج جي سهولتن جو جائزو ورتو. و??ير??عظم مريضن سان به ملاقاتڪ ئي ۽ انهن کان انهن جي خيريت ۽ علاج جي سهولتن بابت معلوم ڪيو. ڊاڪٽرن کان و??ير??عظم اسپتال ۾ مختلف مرضن جي علاج بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي و??ير??عظم کي صحت واري صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد جاويد قاضي تفصيلي بريفنگ ڏني. و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته اتر پنجاب ۾ علاج جي ان نئين مرڪز جو قيام خوش آئنده آهي، 2009ع ۾ ان اسپتال جي منظوري ڏني وئي هئي ۽ اها 255 بسترن تي ٻڌل آهي، هتي را??لپنڊي، اتر پنجاب ۽ ٻين علائقن جي ماڻهن کي علاج جي بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، پهرين مرحلي ۾ اسپتال ۾ ايمرجنسي سروسز جي شروعات ٿي رهي آهي ۽ هتي ريڊيوٿراپي، يورالاجي، بلڊ بئنڪ، ڊائيلاسز، پيٿالوجي، ايمرجنسي، ٽر??نسپلانٽيشن، نفرالوجي ۽ او پي ڊي سميت مختلف سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ٻئي مرحلي ۾ رهائشي عمارتون تعمير ڪيون وينديون، هيستائين منصوبي تي 5 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم خرچ ٿي چڪي آهي، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جو مدو 30 جون 2024ع هو پر ان کي هلندڙ سال ڊسمبر کان اڳ ئي مڪمل ڪيو ويندو. و??ير??عظم صحت واري صوبائي سيڪريٽري احمد جاويد قاضي کي سندس شاندار خدمتن تي داد ڏني ۽ چيو ته هن مون سان گڏ 15، 20 سال ڪم ڪيو آهي، هي انتهائي قابل ۽ ايماندار آفيسر آهي، نيب ۽ نيازي ڳٺ جوڙ قابل آفيسرن کي جيلن ۾ وڌو، هي به نيب ۾ مون سان گڏ پيش ٿيو هو. و??ير??عظم را??لپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عمر، ڪمشنر را??لپنڊي، ڊپٽي ڪمشنر را??لپنڊي کي پڻ بهترين انتظامن تي شاباس ڏني. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر حنيف عباسي چيو ته انسٽيٽيوٽ آف يورالوجي سالن کان بند هئي پر و??ير??عظم جي هدايت تي فوري ان تي ڪم جي شروعات ڪئي وئي، و??ير??عظم جي قيادت ۾ صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي، 2008ع کان اڳ را??لپنڊي ۾ رڳو 25 وينٽي ليٽرز هئا جن جو انگ اڄ اٽڪل 200 ٿي ويو آهي، اهڙي طرح 20 ڊائيلاسز مشينون هيون جن جو انگ 100 کان وڌي ويو آهي، اهڙي طرح 75 سالن ۾ هتي ايم آر آئي جي ڪا مشين نه هئي هاڻي 4 مشينون موجود آهن، اڳ ۾ ساليانو 25 لک ٽيسٽ ٿيندا هئا هاڻي پنجن ئي اسپتالن ۾ ٽيسٽ 41 لک تائين پهچي چڪا آهن، را??لپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير، را??لپنڊي ڊويزن ۽ ٻين شهرن جي مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ??يو?? وڃن، گائني فلٽر ڪلينڪ پڻ را??لپنڊي جي ماڻهن جي لاءِ هڪ تمام وڏو تحفو آهي.
وزيراعظم پاران راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن ۾ علاج جي سهولتن جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : کڑک