اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪڌي فعل جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڪڌو فعل اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ هڪ اشتعال انگيز اسلامو فوبڪ نفرت انگيز ڏوهه آهي، اهڙي طرح جي جارحاڻي ڪاررواين ??ان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جي جذبن کي شديد ٺيس پهتي آهي ۽ ان سان عاليم برادري جي وچ ۾ انتشار پيدا ٿي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان جو سدائين ??هو موقف رهيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي ذميوارين ??ان اچي ٿي، اسان اهو به مڃون ٿا ته اها حڪومتن ۽ عالمي ??رادري جي ذميواري آهي ته اهي اهڙي ڪڌي ڪاررواين کي روڪين ??يڪي مذهبي نفرت ۽ تشدد کي هوا ڏيڻ ۽ ڀڙڪائڻ جي ڪڌ مقصدن سان ڪيون وڃن ٿيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي ??رادري کي اسلامو فوبيا جي خلاف پنهنجو گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي ۽ بين ??لمذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گذريل سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ جيڪا قرارداد منظور ڪئي هئي ان جي پٺيان اهو ئي روح ڪارفرما هو. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا خ??شا هالينڊ جي عملدارن تائين پهچايا پيا وڃن، اسان انهن تي زور ڏيون ٿا ته اهي پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبن جو خيال رکن ۽ اهڙي طرح جي نفرت انگيز ۽ اسلامو فوبڪ ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي.
پاڪستان پاران هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪڌي فعل جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ