اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا او آءِ سي سان لاڳاپيل معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جاري ??کندا، اسلامي تعاون تظيم جو سيڪريٽري ??نرل 10 کان 12 ڊسمبر تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جو دورو ڪندو، ڀارت ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري ??ي حق کان محروم رکيو آهي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري ??حافي وڏي دٻاءُ ۾ ڪم ڪري ??هيا آهن، پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا جاري نه ڪرڻ جي ڀارتي فيصلي جي نتيجي ۾ پاڪستاني رانديگر خصوصي اهميت رکندڙ عالمي راندين جي ايونٽ ۾ شرڪت نه ڪري ??گهيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري ??حافي شديد دٻاءُ ۾ ڪم ڪري ??هيا آهن، انهن کي ڌمڪيون، حملا ۽ گرفتاريوون درپيش آهن، والاريل ڪشمير ۾ لاڳو ڪيل ميڊيا پاليسي جومقصد معلومات جي آزاداڻي وهڪري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ميڊيا کي ڀارت جي غلط معلومات جي مهم جي رڳو هڪ پروپئگنڊه بڻائڻ آهي، ڪشميري ميڊيا کي والاريل علائقي جي اصل صورتحال جي ڪوريج ڪرڻ ۽ ڪل جماعتي ??ريت ڪانفرنس جي اڳواڻن جا بيان ڇاپڻ کان روڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته ڪجهه هفتا اڳ ڪشميري فوٽو جرنلسٽ ثنا ارشاد متو کي پلٽزر پرائز حاصل ڪرڻ جي لاءِ نيويارڪ وڃڻ کان روڪيو ويو جڏهن ته آصف سلطان، منان گلزار ڊار، فهد شاهه ۽ سجاد گل سميت ناليوارا صحافي مختلف جيلن ۾ غيرقانوني طور تي نظربند آهن. ترجمان چيو ته ڀارتي ??ملدارن پاران وڌيڪ ڪيترن ئي ماڻهن کي طلب ڪري ??نهن کي هراسان ڪيو ويو ۽ انهن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون. هن چيو ته اهي ظالماڻا قدم پوري ??نيا کان ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو اصل چهرو لڪائي نه ٿا سگهن. ترجمان چيو ته اسان 10 ڊسمبر تي ??نساني حقن جي عالمي ڏينهن طور ملهايون ٿا، اسان کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي، اتي ??نساني حقن جون خلاف ورزيون جاري ??هن ۽ ڀارت ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري ??ي حق کان محروم رکيو آهي. ترجمان ڀارت جي شهر ايوڌيا ۾ هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي بابري مسجد جي انهدام جي 30 هي ورسيءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته اها ڀارت ۾ وڌندڙ مذهبي عدم برداشت جي هڪ افسوسناڪ ياد ڏي??ري ٿي جنهن کي عالمي برادري کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. ترجمان اکين کان محروم ماڻهن جي لاءِ ٽئين ٽي 20 ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت پاران پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا جاري نه ڪرڻ تي گهري ??فسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارتي فيصلي جي نتيجي ۾ پاڪستاني رانديگر خصوصي اهميت رکندڙ عالمي راندين جي ايونٽ ۾ شرڪت نه ڪري ??گهيا. ترجمان چيو ته ڀارتکي راندين جي مقابلن کي سياسي رنگ ڏيڻ جو رواج ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ان واقعي تي پنهنجي گهري مايوسي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ي انڊونيشيا جي جاري ??وري ??و ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن بالي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ سمورين سطحن تي ٻطرفين ڳالهين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ٻه وڏن اسلامي ملڪن جي حيثيت سان پاڪستان ۽ انڊونيشيا او آءِ سي سان لاڳاپيل معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جاري ??کندا. هن چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن پرڏيهي وزير جي سطح تي گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ تاريخي مفاهمتي ياداشت تي ??حيحون ڪيون آهن، جي ايم سي گڏيل طور تي فائديمند تعاون جي نگراني ڪندو ۽ ٻطرفن باقاعده رابطن کي فروغ ڏيندو. ترجمان چيو ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري ??نرل حسين ابراهيم طحيٰ 10 کان 12 ڊسمبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو، گذريل سال نومبر ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري ??نرل جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس پاڪستان جو هي پهريون باقاعده دورو هوندو. ترجمان چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري وزيراعظم سان ملاقات ڪندو ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. حسين ابراهيم طحيٰ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. ترجمان چيو ته دوري ??وران او آءِ سي جي ايجنڊا تي موجود ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻيا معاملا بحث هيٺ ايندا. سندس دوري ??ان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون تي ??يان جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ ملندو. هن چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي باني ميمبر ۽ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي موجود سربراهه جي حيثيت سان اسلامي يڪجهتي، اتحاد ۽ مڪالمي کي فروغ ڏيندو رهندو.
پاڪستان ۽ انڊونيشيا او آءِ سي سان لاڳاپيل معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جاري رکندا: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم