اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته هو ڪابل ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي دهشتگرد حملي جي معاملي تي افغان عملدارن سان فعال رابطي ۾ آهي، اميد آهي ته ان حملي جي مڪمل جاچ ڪري جوابدارن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جي مبينا ريمارڪس جي حوالي سان ??يڊ??ا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هڪ بيان ۾ چيو ته هڪ هڪ جاري جاچ آهي جنهن تي ويجهي کا?? نظر رکي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت سان وڙهڻ جي عزم تي قائم آهي. ??يڊ??ا رپورٽس م??جب طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي دعويٰ ڪئي ته طالبان عملدارن اسلامڪ اسٽيٽ دهشتگرد گروپ جي هڪ غيرملڪي ڪارڪن کي مبينا طور تي پاڪستان جي اعليٰ سفارتڪار تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.
پرڏيهي آفيس ڪابل ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن تي دهشتگرد حملي جي معاملي تي افغان عملدارن سان فعال رابطي ۾ آهي: ترجمان
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil