اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)پاڪستان ”نو مني فار ٽيرر“ وزارتي اجلاس ۾ ڀارتي قيادت جي بي بنياد پروپيگنڊا ۽ غير ذميواراڻي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آه??. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان مطابق پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آه?? ته پاڪستان نئين دهليءَ ۾ رٿيل نام نهاد ”نو مني فار ٽيرر“ وزارتي اجلاس ۾ ڀارتي قيادت طرفان ان خلاف سمورن حوالن ۽ الزامن کي سختيءَ سان رد ڪيو آه??. ڀارت هر دستياب فورم تي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي پنهنجي ناقابل قبول ۽ لاعلاج خواهش جي روشنيءَ ۾ پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم جي مالي معاونت ۾ پاڪستان تي مبينه طور ملوث هئڻ جا بار بار ڪُوڙا الزام لڳائي دنيا کي دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جي باري ۾ گمراهه ڪندو رهي ٿو. هن چيو ته ڀارت جي کوکلي بيان بازي پاڪستان جي ڪامياب دهشتگرديءَ جي خاتمي وارن قدمن آڏو ناڪام ٿي وئي آه?? جن جو دهشتگرديءَ جي خاتمي، مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشتگرديءَ جي مالي معاونت جي روڪٿام جي اعليٰ بين الاقوامي اداري فنانشل ايڪش ٽاسڪ فورس طرفان تسليم ۽ اعتراف ڪيو ويو آه??. اسان جا مضبوط ۽ قابل اعتماد اي ايم ايل/سي ايف ٽي قدمن ۽ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلانز تي تسلي بخش عملدرآمد سان هن آڪٽوبر ۾ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آه??. هن افسوس جو اظ??ار ڪيو ته ڀارت غير قانوني طور پنهنجي ڏاڍ هيٺ ڪشمير ۾ پنهنجي دهشتگرديءَ جي مهم مسلسل جاري رکيو پيو اچي. ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي سرپرستيءَ ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جو ڪو جواز ناهي جتي ان جي سيڪيورٽي فورسز هر روز بيگناهه شهرين کي دهشت، اذيت ۽ تشدد جو نشانو بڻائي ٿي. هن چيو ته انتهائي افسوسناڪ ڳالهه اها آه?? ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردن کي پناهه ۽ تح??ظ فراهم ڪري رهيو آه??. 2019ع ۾ هن سوامي اسيمانند کي بري ڪري ڇڏيو جيڪو 2007ع جي سمجهوته ايڪسپريس ڌماڪي جو مرڪزي ڪردار هو جنهن ۾ ڀارتي سرزمين تي 43 پاڪستاني شهري قتل ٿيا هئا. هلندڙ سال جي شروع ۾ ڀارتي عدالتن گجرات ۾ 2002ع جي گوڌرا جهيڙن دوران بلقيس بانو جي اجتماعي لڄالٽ واري ڪيس جي 11 مجرمن کي آزاد ڪيو. اهڙيءَ طرح 26 نومبر جي ممبئي حملن جي ڪيس جي ٻُڌڻيءَ دوران ڀارت ڄاڻي واڻي پاڪستاني عدالتن کان گواهن ۽ شاهدين کي روڪي ڇڏيو. گذريل 14 سالن ۾ بار بار درخواستن باوجود صرف پنهنجي ناپاڪ سياسي ايجنڊا کي ڪوڙو ڪرڻ لاءِ ڪيس کي ڊيگهه ڏني وئي. هن چيو ته پاڪستان اندر دهشتگردي کي ڀڙڪائڻ ۾ هندستان جو ملوث هئڻ وڏي پيماني تي ثابت ۽ دستاويزي آه??. نومبر 2020ع ۾ پاڪستان هڪ جامع ڊوزيئر جاري ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ جا ثبوت فراهم ڪيا ويا هئا. سزا يافته، حاضر سروس، ڀارتي نيول ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو تخريبڪا??ي ۽ دهشتگرديءَ ۾ ڀارت جي سڌيءَ ريت ملوث هئڻ جو ناقابل ترديد ثبوت آه??. ٽي ٽي پي ۽ افغانستان اندر پاڪستان سان دشمني رکندڙ ٻين ڌُرين سان هندستاني رابطن جي باري ۾ سڀ واقف آه??. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادريءَ تي زور ڀري ٿو ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ان جي قدمن، دهشتگرد ادارن جي سرپرستي ۽ پاڙيسري ملڪ ۾ دهشتگرديءَ کي هوا ڏيڻ لاءِ هندستان کي جوابدار قرار ڏي. هندستان کي گهرجي ته هو دهشتگرديءَ جي باري ۾ پنهنجي سُڃاڻپ کي فوري طور درست ڪ??ي ۽ خودغرضاڻي سياسي مفادن جي حاصلات لاءِ بي شرميءَ سان ٻيهر ڪوڙا الزام لڳائڻ کان پاسو ڪري.
پاڪستان ”نو مني فار ٽيرر“ وزارتي اجلاس ۾ ڀارتي قيادت جي بي بنياد پروپيگنڊا ۽ غير ذميواراڻي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں