نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سا?? عالمي رابطا جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي ترجيح آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سا?? ??ڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي افغانستان جي لاءِ آمريڪا جي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پرڏيهي وزير توسيعي ٽرائيڪا مڪينزم سميت افغانستان ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علائقائي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. هن افغانستان سا?? ٻطرفي ڳالهين جي حمايت سا?? گڏوگڏ عالمي انساني امداد جي وسيع سهولت لاءِ پاڪستان پاران کنيل مختلف قدمن تي پڻ روشني وڌي. افغانستان ۾ انساني همدرديءَ جي امڪانن جو حوالو ڏيندي جن بابت ??ڏي?? قومن ۽ عالمي ايجنسين خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ سرديءَ جي موسم ۾ وڌيڪ خراب ٿي وينديون، پرڏيهي وزير زور ڏنو ته اهڙي طرح جي صورتحال جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي پناهگيرن جي لڏپلاڻ ٿي سگهي ٿي ۽ دهشتگردن/ انته??پس??دن کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو ۽ ان جا علائقائي ۽ عالمي اثر پوندا. افغانستان جي لاءِ آمريڪي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ انخلا ۾ سهولت تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين افغان عوام جي مصيبتن جي خاتمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن ۽ عالمي برادري جي شموليت جي ??ڏي?? مقصدن جي لاءِ مسلسل تعاون جي ضرورت جو اعتراف ڪيو.
عبوري افغان حڪومت سان عالمي رابطا ضروري آهن، هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي ترجيح آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی