واشنگٽن -05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ملڪ ۾ آي?? ٻوڏکي وڏي تباهي قرار ڏيندي چيو آهي، ته ماحوليا??ي تبديلي جي وڏي پئمان?? تي تباهه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي امداد جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي چينل فاڪس نيوز جي پروگرام آن داهل ۾ چئي. هن چيو ته پاڪستان کي ماضي ۾ پڻ قدرتي آفتن جو منهن ڏسڻو پيو ۽ اسان ان جو مقابلو ڪيو، ان سلسلي ۾ هڪ وسيع نظام جوڙيو ويو پر هلندڙ سا?? ٻوڏ سبب وڏي پئمان?? تي تباهي آئي، جنهن لاءِ هي نظام ناڪافي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن رليف ۽ ريسڪيو آپريشن لاءِ 30 ملين ڊالر امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت ۽ قيادت جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته اسان کي امريڪا کان همدردي ۽ يڪجهتي جا پيغام ملي رهيا آهن، جيڪي ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي جنهن سبب 1300 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون ۽ 3 ڪروڙ 30 لک گهر تباهه ٿيا. سفير چيو ته رليف اينڊ ريسڪيو لاءِ کاڌي پيتي، پناه گاهن، دوائن ۽ خيمن تي ٻڌل امداد لاءِ فضائي ڪوريڊور يا فضائي پل قائم ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته هي انتهائي فوري ضرورت جون شيون آهن، اسان کي ا??سا??ي جانين کي بچائڻو آهي ان لاءِ انهن شين تي ٻڌل امداد جي آجيان ڪنداسين. مسعود خان چيو ته آمريڪي اداري يو ايس ايڊ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي جائزو وٺي رهيو آهي. ان کان علاوه هتي ڪيتر??ن ئي تنظيمن طرفان پڻ پاڪستان لاءِ ا??سا??ي همدردي جي بنياد تي امداد موڪلي پئي وڃي.
ٻوڏ سبب وڏي تباهي ٿي آهي، ماحولياتي تبديلي جي تباهه ڪن اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي امداد جي ضرورت آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج