اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) 82 هين پاڪستان ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي شڪر پڙيان پريد ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ هٿياربند فو?? جي گڏيل پريد ۽ مارچ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم عمران خا، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽ??، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن، ڪابينا جي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن، اعليٰ سول ۽ فو??ي عملدارن ۽ پاڪستان جي لاءِ نمايان خدمتن تي تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ٻين مهمانن هٿياربند فو?? جي گڏيل پريڊ جو مظاهرو ڪيو. سعودي عرب، ترڪي، ازبڪستان، آذ??با??يجان ۽ بحرين سميت دوست ملڪن جي دستن پڻ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. هٿياربند فو?? جي دستن صدر، وزيراعظم، دفاع واري وزير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس کي سلامي ڏني. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پريڊ ۾ شامل فو??ي دستن جو معائنو پڻ ڪيو. پاڪ فض??ئي?? جي سربراهها يئر چيف مارشل ظهير احمد تازو ئي پاڪ فض??ئي?? جي فضائي ٻيڙي ۾ شامل ٿيندڙ نئين جي – 10 سي جيٽ جهازن سميت پاڪ فض??ئي?? جي ويڙهاڪ جهازن جي مختلف فارميشنز جي فلائي پاسٽ جي قيادت ڪئي. پريڊ ۾ آرمرڊ ڪور، آرٽلري، رينجرز، ايئر ڊفينس، ڪوسٽ گارڊز، آرمڊ فو??سز نرسنگ سروس جي عورت دستن، پاڪ بوائز اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز پڻ حصو ورتو.
82 هين پاڪستان ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي شڪر پڙيان پريد ۾ منعقد ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ