اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته مالياتي ضمني بل ??ان عوام تي بار پوڻ جون ڳالهيون بني بنياد آهن، مهانگائي وڌڻ جا افواهه پکيڙيا پيا وڃن، حڪومت ڪوبه ا??ڙو قدم نه کنيو آهي جنهن ??ان غريب ماڻهوءَ تي بار پوي، نوان ٽيڪس نه لڳ??ئي رهيا آهيون بلڪ بل ۾ 343 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظرثاني جي تجويز آهي، عام ماڻهوءَ لاءِ صرف 2 ??رب رپين جا ٽيڪس ڇوٽ تي نظرثاني جي اپيل آهي. امپورٽ ڪيل شين تي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي وڌڻ ??ان پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ متاثر ٿيا، چاهيون ٿا ته ملڪي ا??ار?? کي مضبوط ۽ خودمختيار بڻايو وڃي. ا??ڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??ان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته زرعي دوائون، ڀاڻ ۽ ٽريڪٽر تي سيلز ٽيڪس نه لڳ??ئي رهيا آهيون، بل ۾ 343 ارب رپين جي ٽيڪس جي ڇوٽ تي نظرثاني جي تجويز آهي جنهن جو مطلب ڪو نئون ٽيڪس ناهي، 70 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ۾ آرامده ايٽم شامل هئا جڏهن ته عام ماڻهوءَ لاءِ صرف 2 ??رب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته موجوده حڪومت گذريل اڍائي سالن دوران اسٽيٽ بئنڪ کان ڪوبه قرض نه ورتو، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اٿارٽي بورڊ آف گورنرز وٽ هوندي. هن چيو ته مهانگائي جي لهر سڄي دنيا ۾ آهي، آمريڪا، برطانيه ۽ يورپي ملڪ به پڻ مهانگائيءَ جي ان لهر مان شديد متاثر ٿيا آهن. امپورٽ ڪيل شين تي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي وڌڻ ??ان پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ متاثر ٿيا آهن.
مالياتي ضمني بل سان عوام تي بار پوڻ جون ڳالهيون بني بنياد آهن: شوڪت ترين
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل