اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي مهانگائي کان عام ماڻهو جي متاثر هجڻ جو پتو آهي، معاشري جي ڪمزور ط??قن جي مدد لاءِ حڪومت ٽارگيٽڊ سبسڊيز ڏئي رهي آهي.
اهڙن خيالن ??و اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ احساس پروگرام تحت معاشري جي ڪمزور ط??قن لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي فراهمي جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس پروگرام تحت غربت جو شڪار خاندانن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز فراه?? ڪرڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت کي عام ماڻهو کي مهگائي سبب درپيش مشڪلاتن ??و احساس آهي ان لاءِ معاشري جي ڪمزور ط??قن کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز فراهم ڪئي ويندي،
وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان، صحت سهولت ڪارڊز، احساس پروگرام موجوده حڪومت جا نمايان منصوبا آهن جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور ط??قن جي مدد ڪرڻ آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز حاصل ڪرڻ جي باري ۾ طريقڪار کان آگاهه ڪرڻ لاءِ جامع آگاهي پروگرام شروع ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته احساس پروگرام نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان هڪ موبائيل ايپ تيارڪ ئي آهي جنهن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ احساس پروگرام تحت مستحقين کي ضروري شين ۽ سستي اگهه تي فراهم ڪيون وڃن، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته احساس پروگرام تحت ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ طريقيڪار وا??ح ڪيو ويو آهي،
اجلاس ۾ ناڻي وا??ي وزير شوڪت فياض ترين، دفاع وا??و وزير پرويز خٽڪ، اطلاعات ۽ نشريات وا??و وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، نيشنل بنئڪ جو صدر ۽ سينئر عملدار موجود هئا.