اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي راندين جي ٽيمن تي اعتماد جو اظهار ڪندي رانديگرن تي زور ڏنو آهي ته اهي محنت ۽ ديانتداري سان ??نيا ۾ پاڪستان ??و نالو روشن ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چوڏهين چيف آف نيول اسٽاف ايميچيورز ??ال?? چيمپيئن شپ 2021ع جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ??ه راندين جي ميدان ۾ پاڪستان کي ڊگهي عرصي کان ??عصب درپيش آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪورونا وبا جي باوجود انگلينڊ جو دورو ڪيو ??ڏهن ته غيرملڪي ٽيمن پاڪستان ??و دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. وزيراعظم قومي ٽيم جي رانديگرن کي صحيح چيو ??هي ته اهي ميدان ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارين جيڪا اهم آهي. هن چيو ??ه پاڪستاني قوم ۾ صلاحيتون ۽ ٽيلينٽ موجود آهي، قومي ٽيمون پنهنجي ڪارڪردگي، وقار ۽ عزت نفس برقرار رکندي ملڪ جي لاءِ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪن. صدر چيمپيئن شپ ۾ کٽيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ??ه انهن نظم ۽ ضبط ۽ محنت سان ??ها ڪاميابي حاصل ڪئي. هي راند ديانتداري سيکاري ٿي اسان کي راندين سميت سمورن شعبن ۾ ديانتداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ??ه ??ال?? جا ميدان ??رسبز ۽ شاداب هوندا آهن، انسان ??ي فطرت آهي ته اهو سرسبز نظارن جي ڳولا ڪندو رهي ٿو. مارگلا گرين ??ال?? ڪپ پاڪستان ??و خوبصورت ترين ??ال?? ڪلب آهي. ان ڪلب تحت وڻڪاري پڻ ڪئي وڃي ٿي، ان ڏس ۾ هي ماحوليات جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي. هن چيو ??ه راندين سان ??سم تندرست ٿئي ٿو، ??ال?? مهانگي راند آهي پر اها ملڪ ۾ مقبوليت حاصل ڪري رهي آهي. صدر ايميچيورز، سينئر ايميچيورز ۽ عورت ڪيٽيگريز ۾ کٽيندرن ۾ انعام ۽ ٽرافيون ورهايون. ڪوئيٽا ??ال?? ڪلب جي ميجر سليم کي ونر ٽرافي ڏني وئي. ان موقعي تي پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ ٻيون اعليٰ سول ۽ فوجي شخصيتون پڻ موجود هيون. چئن ڏينهن وارو چيف آف نيول اسٽاف ايميچيورز ??ال?? ڪلب ڪپ هر سال منعقد ڪيو وڃي ٿو.
رانديگر محنت ۽ ديانتداري سان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے