اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) عيد جي موقعي تي بين الصوبائي، انٽر ۽ انٽرا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، چنڊ و??ري رات بازارُون بند هونديُون. اين سي او سي پاران ج??ري بيان موجب 10 کان 15 م??ي تائين عيد موڪلن جو مقصد ملڪي سطح تي چرپر کي محدود ڪرڻ آهي، نجي گاڏين، رڪشائن، ٽيڪسين کي 50 سيڪڙو سوارين سان سفر جي اجازت هوندي، 8 کان 16 م??ي تائين گهر رهو محفوظ رهو جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو ويندو. يوم علي، شب قدر، اعتڪاف، جمعته الوداع لاءِ گائيڊ لائينز تي عملدرآمد پهرين مئي کان ٿيندو. چنڊ و??ري رات مهندي، جيولري، ڪپڙن جي اسٽالن تي پابندي هوندي، اين سي او سي موجب تفريحي ماڳ، پ??لڪ پارڪس، شاپنگ مالز 8 کان 16 م??ي تائين بند رهندا، اين سي او سي چيو آهي ته ”گهرو رهو، محفوظ رهو“ جي حڪمت عملي تحت سموريون مارڪيٽون، دڪان، ڪاروبار بند رهندا تنهن هوندي به ضروري خدمتن جنهن ۾ پنس??ري اسٽورز، ميڊيڪل اسٽورز، ويڪسينيشن سينٽرز، ڀاڄين، فروٽس جا دڪان، گوشت جا دڪان، بيڪريون، پيٽرول پمپس، ٽيڪ اوي ۽ اي ڪامرس (هوم ڊليوري) سان يوٽيليٽي سروسز جنهن ۾ بجلي، قدرتي گئس، انٽرنيٽ، سلي??لر نيٽ ورڪس/ ٽيلي ڪام، ڪال سينٽرز ۽ ميڊيا هائوسز شامل آهن کليل رهندا، اين سي او سي لوڪل ۽ آئوٽ سا??يڊرز جي لاءِ سمورن تفريحي ماڳن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ان لاءِ سمورا تفريحي ماڳ، پڪنڪ پوائنٽس، پ??لڪ پارڪس، شاپنگ مالز، سمورا هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس جيڪي تفريحي ماڳن جي ويجهو آهن بند رهندا، سياحتي ماڳن طرف ويندڙ رستن کي به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مري، گليات، سوات، ڪالام، سي ويو سا??ل، اترين علائقن ۽ ٻين سياحتي ماڳن تي فوڪس رکيو ويو آهي، خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مقامي ماڻهن کي گهر واپس وڃڻ لاءِ سفر جي اجازت هوندي، 7 م??ي تائين مسافرن کي وٺي وڃڻ لاءِ اضافي ٽرينون هلايون وينديون.
اين سي او سي پاران عيد جي موقعي تي بين الصوبائي، انٽر ۽ انٽرا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي لاڳو
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون