پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اي پي ايس پشاور سانحي پوري قوم کي ??تحد ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جي ان افسوسناڪ واقعي جي ڪري دل اڄ به ڏکويل آهي، ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ذميداري آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جو سمورن شهرين کي ??فت علاج جي سهولت ڏيڻ انتهائي اهم قدم آهي، پوئتي پيل گهراڻن ۾ بيماري جي ڪري سڄو خاندان غربت ۾ هليو ويندو آهي، اسپتالن ۾ س??ارن جو مقصد سهولتن کي بهتر بڻائڻ آهي، سرڪاري اسپتالن جو معيار به اهڙو هجڻ گهرجي ته هو نجي اسپتالن جو مقابلو ڪري سگهن، حڪومت وٽ ته ايترا وسيلا نه آهن ته هو پوري ملڪ ۾ اسپتالون ٺاهي، هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آڻيندو، اسپتالن ۾ س??ارن جو مقصد نجڪاري نه پر ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ آهي، ڪنهن اداري ۾ جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو عمل نه هوندو ته اهو ڪامياب نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور انسٽيٽيٽوٽ آف ڪارڊيالوجي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.
اي پي ايس پشاور سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ