اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) اين سي او سي ٽي ٽي ڪيو قدمن تحت پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي وڌيڪ پکيڙ وارن علائقن جي ??شا??دهي ڪئي آهي، سمارٽ لاڪ ڊا??ون حڪمت عملي تحت وزيراعظم جي ڪورونا تي ضابطو آڻڻ جي اعلان موجب اين سي او سي پوري پاڪستان ۾ ممڪنه ڪورونا ڪلسٽرز ۽ هاٽ اسپاٽس جو جائزو ورتو، سڄي پاڪستان ۾ 20 شهرن جي ??شا??دهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪورونا جي پکيڙ ۾ ممڪنه طور تي اضافو ٿيو آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پابندي جي قدمن جي ضرورت آهي، اين سي او سي جي ذريعي اها ڳالهه صوبن سان شيئر ڪئي پئي وڃي، جي نائن ٽو ۽ جي نائن ٿري ۾ ٽي سئو کان وڌيڪ ڪيس هئا، ڪراچي ڪمپني سميت انهن علائقن کي سيل ڪيو ويو هو، اسلام آباد ۾ نئين هارٽ اسپاٽ کانپوءِ هيٺيان علائقا جن کي سيل ڪري سگهجي ٿو انهن ۾ جي سڪس، جي سيون، غوري ٽا??ون، بهاره ڪهو، آءِ ٽين، آءِ ايٽ کانسواءِ مختلف شهرن ۾ جن ۾ اهو وائرس تيزي سان پکڙجڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو رهيو آهي، اين سي او سي جي ذريعي ضروري پابندي وارن قدمن جي ??شا??دهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور ۽ راولپنڊي، اسلام آباد، فيصل آباد، ملتان، گوجرانوالا،سوات، حيدرآباد، سکر، سيالڪوٽ، گجرات، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، خيرپور، ڊي جي خان، مالاڪنڊ ۽ مردان شامل آهن.
سڄي ملڪ ۾ 20 شهرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪورونا جي پکيڙ ۾ ممڪنه طور تي اضافو ٿيو آهي: اين سي او سي
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس