اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ جي جيلن ۾ غريب ۽ پيڙهيل قيدين جي قانوني امداد ۽ ڏنڊ جي ادائيگي جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ، جڏهن ته قومي رستن تي سفر کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ نيشنل روڊ سيفٽي ڪائونسل قائم ڪرڻ، فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز فائونڊيشن کي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي بڻائڻ، ڪامسيٽس يونيورسٽي جي داخلا ۽ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ، هو??با??ي جي شعبي سروسز ۽ ريگيوليشن کي جدا ڪرڻ?? انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن ۽ عورتن جي حقن بابت قومي ڪميشن ۽ نيشنل ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين جي چيئرمين جي مقرري جي لاءِ مناسب اميدوار جي چونڊ جي لاءِ اشتهار ڏيڻ، عمران ناصر خان کي پاڪستان ايگريڪلچرل اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشن کي مئن??جن?? ڊائريڪٽر، ندا رضوان کي انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي مئن??جن?? ڊائريڪٽر، رانا عبدالجبار خان کي الٽرنيٽ انرجي ڊولپمينٽ بورڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا بلوچستان ۽ وزي??ست??ن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ۽ راولپنڊي ۾ تربيتي جهاز حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي.
وفاقي ڪابينا مختلف فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر