سيئول – 15 آگسٽ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جاپاني ا??واڻن طرفان تڪراري ياسوڪوني مزار جي دوري تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کي جاپان جي عسڪري ۽ نوآبادياتي ماضي جي علامت طور ڏٺو وڃي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق خميس ڏينهن ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ان حقيقت تي مايوسي ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿي ته جاپان جي ذميوار اڳوا??ن هڪ ڀيرو ٻيهر ياسوڪوني مزار جو دورو ڪيو. وزارت جاپاني ا??واڻن تي زور ڀريو ته هو تاريخ جي مڪمل ڄاڻ رکن ۽ پنهنجي عمل ذريعي جاپان جي ماضي جي معاملن تي پنهنجي پشيمان?? جو اظهار ڪن، سندن ??هو عمل مستقبل تي ٻڌل ڏکڻ ڪوريا-جاپان جي لاڳاپن جي ترقي لاءِ هڪ اهم ??نياد بڻجندو. جاپان جي وزيراعظم فوميوڪيشيڊا گذريل ڏينهن ٻئين عالمي جنگ ۾ جاپان پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ جا 79 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي سرڪاري اختيارين تي ٻڌل وفد کي تڪراري ياسوڪوني مزار تي موڪليو هو.
ڏکڻ ڪوريا پاران جاپاني اڳواڻن جو تڪراري ياسوڪوني جي مزار جي دوري تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون