نيويارڪ – 12 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري (يونيسيف) چيو ته سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 400 ملين (60 سيڪڙو) ٻارن کي گهرن ۾ باقاعدگي سان نفسياتي جارحيت يا جسماني سزائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. شنهوا مط??بق يونيسيف راندين جي پهرين بين الاقوامي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڊيٽا ۾ چيو ته انهن مان اٽڪل 330 ملين ٻارن کي جسماني طور سزا کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. يونيسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل چيو ته ٻارن کي گهر ۾ جسماني يا زباني زيادتي جو نشانو بڻايو ويندو آهي، يا جڏهن هو پنهنجن پيارن کان سماجي ۽ جذباتي سار سنڀال کان محرون ٿيندا آهن، ته ان سان انهن جي عزت نفس ۽ ترقي جي احساس کي نقصان پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته ٻئي پاسي سٺو رويو ٻارن کي محفوظ محسوس ڪرڻ، سکڻ، مهارت پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي آس پاس جي دنيا کي نيويگيٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. نتيجن مط??بق 4 مان هڪ کان ڪجهه وڌيڪ مائرون ۽ بنيادي سار سنڀال ڪندڙ ??ن ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته ٻارن جي مناسب پرورش ۽ تعليم لاءِ جسماني سزا ضروري آهي. يونيسيف ??ن ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته هر ٻار محفوظ ۽ پيار جي احساس سان وڏو ٿئي، لاءِ حڪومتن کان مطالبو ڪري ٿو ته هو قانوني ۽ پاليسي فريم ورڪ کي مضبوط بڻا??ن ته جيئن گهر ۾ ٻارن خلاف هر قسم جو تشدد ممنوع هجي.
سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 400 ملين ٻارن کي گهرن ۾ باقاعدگي سان نفسياتي جارحيت يا جسماني سزائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria