ابوجا-23 مئي (اي پي پي)نائيجريا ۾ هو ميوزڪ اسٽوڊيو ۾ جنريٽر جو دونهون ڀرجي وڃڻ سبب ساه پوساٽجڻ جي نتيجي ۾ اسٽوڊيو ۾ رهندڙ يونيورسٽي جا ست شاگرد اجل جو شڪار ٿي ويا، ميڊيا رپورٽن موجب بائيلسا صوبي ۾ قائم ميوزڪ اسٽوڊيو ۾ رهندڙ يونيورسٽي جا شاگرد ننڊ دوران اسٽوڊيو ۾ جنريٽر جو دونهون ڀرجي وڃڻ سبب ساه پوساٽجڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا،جڏهن ته ڪيترن ئي شاگردن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان انتظاميا وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، واضع رهي ته پيٽرول جي دولت سان مالا مال نائيجريا ?? لوڊ شيڊنگ ٿيندي رهندي آهي ۽ عوام جو وڏو انگ بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ جنريٽر جو ا??تعمال ڪندو آهي.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز