اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته اسان جي آءِ ٽي جا تعصب ان جي جوڙجڪ کان فوري پوءِ عدليه ۽ ع??ام کي ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. جي آءِ ٽي ر??ورٽ تي اسان کي حيرانگي نه ٿي ڇو ته اسان کي ان تڪراري جي آءِ ٽي مان اها ئي اميد هئي. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ تعصبي جي آءِ ٽي جيڪا تعصبي طريقيڪار کي فالو ڪري ٿي ان کان اسان کي اهڙي ئي ر??ورٽ جي اميد هئي ۽ هن ائين ئي ڪيو. هن چيو ته جي آءِ ٽي جي تعصب بابت اسان ڪيترائي ڀيرا وڏن واضح لفظن ۾ پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته جي آءِ ٽي متعصب رويو رکندڙ آهي. ??ن جي آءِ ٽي جي متعصب رويي جو سڀ کان وڏو مثال جي آءِ ٽي جو قطر نه وڃڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : کڑک