گڏيل قومون -22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪاري مواد جي تياري ??ي پابندي جي تجويز واري معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ايٽمي هٿيارن لاءِ ٻارڻ طور استعمال ٿيندڙ تابڪاري مواد جي پيداوار تي پابندي جي تجويز ??ي معاهدي ??ي مخالفت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته جن ملڪن کي اڳ ئي ڪيترائي ٽن يورينيم رچاءُ تيار ڪرڻ جي ضرورت ناهي اهي ملڪ ان انبرابري واري معاهدي تي ضرورت کان وڌيڪ زور ڏئي رهيا آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستا?? جي نائب مستقل نمائندي عثمان اقبال جدون جنرل اسيمبلي جي هٿيار?? جي خاتمي ۽ عالمي سلامتي ??ي معاملن سان لاڳاپيل فرسٽ ڪميٽي کي ٻڌايو ته تجويز ڪيل معاهدي جي نتيجي ۾ رڳو ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪاري مواد جي تياري ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي ڇو ته هي معاهدو ايٽمي عدم توازن کي طاقت ئي وٺائيندو انهي لاءِ ا?? جي ايٽمي هٿيار?? جي خاتمي جي حوالي سان اثرائتي ۽ ڪامياب هئڻ جا ڪي به امڪان ناهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته اهي ملڪ جن اڳ ئي ڪيترائي ٽن تابڪاري مواد جو رچاءُ گڏ ڪري ??کيو آهي انهن کي ته هي مواد تيار ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ان لاءِ هو ايندڙ منطقي قدمن طور تابڪاري مواد جي رچاءَ جي هڪ حد مقرر ڪرڻ جهڙي تجويز تي زور ڏئي رهيا آهن. اهڙيون تجويزون پيش ڪندڙن ۾ اهي ملڪ جوش ۽ خورش سان شامل آه?? جيڪي ايٽمي دفاع کي وسعت ڏيڻ ۽ ايٽمي هٿيار?? جي اشتراڪ جي انتظامن لاءِ ٻين ملڪن تي ڀاڙيندا آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته جيڪڏهن تابڪار مواد جي پيداوار ??ي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪير سنجيده آهي ته کين ٻٽي معيار کي رد ڪندي پنهنجي ڪوشش?? جي شروعات ڏکڻ ايشيا جي ڪنهن ملڪ مثال طور ڀارت سان ايٽمي تعاو?? جي خاتمي سان ڪرڻ گهرجي جنهن حفاظتي انتظامن کان سواءِ تابڪار مواد جي رچاءَ کي ذخيرو ڪرڻ جو سلسلو جاري ??کيو آهي ۽ هاڻي ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪار مواد جي وڏي پئماني تي تياري ??ي راهه تي گامزن آهي. هن نشاندهي ڪئي ته خطي ۾ سڀ کان پهرين ڀارت ايٽمي هٿيار متعارف ڪرايا، ڀارت ايٽمي تجربن تي پابندي ??ي معاهدن تي صحيحين کان انڪار ڪري ٿو، پاڪستان خلاف جارحيت جي ڌمڪي ڏئي ٿو، ڄمون ڪشمير تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل درآمد کي رد ڪري ٿو ۽ سلامتي ڪائونسل ??ي مستقل ميم??رش?? جو خواهشمند هئڻ سان گڏوگڏ تحمل جي قدمن تي ڳالهين کي به رد ڪري ٿو. هن ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا ??ي مقصد لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو هڪ عالمگير، تصديق جوڳو ۽ غير امتيازي طريقي سان حاصل ڪيو وڃي. اهو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ انٽرنيشنل ڪنوينشن آن نيگيٽو سيڪيورٽي اشوئرنسز (اين ايس ايز) سان عالمي ايٽمي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان اين ايس ايز تي پنهنجي ٺهراءَ جو مسودو به پيش ڪندو. هن ايٽمي هٿيار?? جي خاتمي جي ذميوارين کي پورو نه ڪرڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي يقين آهي ته اسان کي انهن رياست?? جي سيڪيورٽي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ به پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرج?? جيڪي انهن رياستن کي پنهنجي دفاع لاءِ ايٽمي هٿيار?? جي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جهڙن قدمن ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا.
پاڪستان پاران ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪاري مواد جي تياري تي پابندي لاءِ تجويز ڪيل معاهدو رد
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria