رياض-28 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سرپرستي هيٺ امام محمد ابن سعود اسلامي يونيو??سٽ?? جي ميزباني ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي شروعات 28 مارچ کان ٿيندي. عرب نيوز موجب قومي تعلق ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي قدرن کي هٿي ڏيڻ ۾ يونيو??سٽ??ن جي ڪردار جي عنوان سان ڪانفرنس 28 ۽ 29 اپريل تي امام محمد ابن سعود اسلامي يونيو??سٽ?? ۾ منعقد ٿيندي. امام محمد ابن سعود يونيو??سٽ?? جي صدر احمد بن سالم الاميري ان سلسلي ۾ سرپرستي تي شاهه سلمان بن عبدالعزيز جو ٿورو مڃيو آهي. هن چيو ته ڪانفرنس جو مقصد اعليٰ قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ يونيو??سٽ??ن جي تجربن کان اجاگر ڪرڻ ۽ صحيح نظريي جي اهميت کي واضح ڪرڻ آهي ??ه جيئن اعتدال جو موقف اجاگر ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪانفرن?? ۾ ??ملڪت ۽ ٻين ملڪن جا اڳواڻ، معزز، اسڪالرز ۽ دانشور شرڪت ڪندا، جيڪي پنهنجي خطبن، خيالن جي ڏي وٺ ۽ ورڪشاپس دوران پنهنجي ماهراڻي قانوني، سائنسي ۽ سماجي راءِ جو اظهار ڪندا.
سعودي عرب ۾ امن ۽ گڏيل بقاءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ يونيورسٽين جي ڪردار جي عنوان سان عالمي ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم