واشنگٽن- 02 فيبروري (اي پي پي)آمريڪا انتهاپسند يهودي ??بادڪارن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي اولهندي ??ناري ۾ فلسطينن خلاف پُرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث آهن. العربيه اردو موجب پابندين بابت آمريڪي اختيا??ين جو چوڻ آهي ته انتهاپسند يهودي ??بادڪارن خلاف پابندين جي په??ين مرحلي ۾ 4 ماڻهن خلاف لاڳو ڪيون وينديون، انهن جي آمريڪا ۾ موجود اثاثن کي بلاڪ ڪيو ويندو ۽ هو آمريڪين سان مالي ڏي وٺ نه ڪري سگهندا. ان لاءِ آمريڪي ويزائون جاري ڪرڻ تي به پابندي لاڳو هوندي. 4 يهودي ??بادڪارن خلاف پابندين جو اعلان شروعاتي طور تي رڳو هڪ علامتي ڪارروائي نظر ايندي ??هي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو انهن آمريڪي پابندين کانپوءِ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اولهندي ??ناري ۾ آمريڪي پابندين جي ڪا به گنجائش ۽ جواز ناهي، اسرائيل هر قانون ٽوڙيندڙ خلاف پاڻ قدم کڻي ٿو ۽ ان لاءِ آمريڪي پابندين جو ان سلسلي ۾ ڪو جواز ناهي ته هو اهڙي طرح جا غير معمولي قدم کڻي. اولهندي ??ناري ۾ 4 يهودي ??بادڪارن تي پابندين جو هي فيصلو ان وقت ڪرڻو پيو جڏهن صدر جوبائيڊن آمريڪي رياست مشي گن جو دورو ڪيو ۽ کيس اتي جي عرب ڄاون آمريڪين طرفان سخت رد عمل کي منهن ڏسڻو پيو جيڪي اسرائيل جي باري ۾ آمريڪي پالسين جا مخالف آهن. مشن گن رياست جي شهر ڊيٽراوٽ جي ميئر به آمريڪي صدر کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
آمريڪا پاران اولهندي ڪناري ۾ پرُتشدد ڪاررواين ۾ ملوث يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جو اعلان
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز