غزه -07 نومبر (اي ??ي پي) فلسطين جي تحريڪ مزاحمت حماس جي اڳواڻ اسامه حمدان اسرائيل جي انهن الزامن کي رد ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ??يو ??و ته حماس الشفا اسپتال جي آڙ ۾ پن??نجي ويڙهاڪن کي تحفظ فراهم ڪري رهيو آهي. سعودي خابرو ا??اري مطابق اسامه حمدان چيو ته اسرائيل الشفا اسپتال ويجهو فوجي هيڊ ڪوارٽر جي ڳالهه ڪري اسپتال تي بمباري جو جواز فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسپتال ويجهو هڪ سرنگ جي موجودگي بابت اسرائيلي فوج جي ترجمان جي دعويٰ جي جواب ۾ بيروز ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي اسامه حمدان چيو ته ان بابت اسرائيل جي دعويٰ غلط آهي. اها سرنگ ٻارڻ ذخيرو ڪرڻ جي سهولت لاءِ آهي. اسپتال ويجهو راڪيٽ لانچ ڪرڻ جي پليٽ فارم جي موجودگي ۾ ڪا به صداقت موجود ناهي. اسامه حمدان چيو ته اسرائيل جي فوج طرفان ڏيکا??يل آڊيو رڪارڊنگ جعلي آهي. هن گڏيل قومون کان مطالبو ڪيو ته اها ان معاملي تي غزه جي اسپتال ۾ هڪ عالمي تحقيقاتي ڪميٽي اماڻي. اسرائيل غزه ۾ هاڻي تائين اڍائي لک گهر تباهه ڪري ڇڏيا آهن.
غزه ۾ الشفا اسپتال ويجهو سرنگ هجڻ جو الزام، حماس اسرائيل جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ