واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 2020ع جي صدارتي چونڊن دوران رياست جارجيا جي نتيجا تبديل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جنهن ??انپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو. جرمن نشرياتي اداري موجب رياست جارجيا جي فلٽن ڪائونٽي جيل ۾ مگ شاٽ (جوابدار طور تصوير) وٺڻ کانپوءِ 2 لک ڊالر مچلڪا جمع ڪرائڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر کي آزاد ڪيو ويو. آمريڪا جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن ??نهن اڳوڻي صدر جي جيل ۾ جوابدارن سان گڏ تصوير ڪڍي وئي. فلٽن ڪائونٽي جيل ط??فان ج??ري تفيصل موجب کيس قيدي نمبر پي او 1135809 نمبر ڏنو ويو. سندس جسماني معائنو به ڪيو ويو، جيل مان آزاد ٿيڻ جي فوري بعد ڊونلڊ ٽرمپ ايئرپورٽ پهتو جتان هو نيو جرسي لاءِ روانو ٿي ويو، نيو جرسي روانو ٿيڻ کان اڳ هن ??يو ته هتي جيڪو ڪج??ه ٿيو اهو انصاف جو مذاق آهي، مون ڪج??ه غلط ناهي ڪيو ۽ هر ڪوئي اهو ڄاڻي ٿو. هن پنهنجي خلاف ڪارروائي جي چونڊ مداخلت قرار ڏيندي چيو ته اسان قطئي ڪج??ه غلط ناهي ڪيو ۽ اسان وٽ هڪ اهڙي چونڊ کي چئلينج ڪرڻ جو حق آهي جيڪو اسان جي خيال ۾ بدديانتي تي ٻڌل آهي. هن ??يو ته هي آمريڪا لاءِ شرمناڪ ڏينهن آهي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر صحافين جي سوالن جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آمريڪي تاريخ ۾ ڪنهن به اڳوڻي صدر تي فوجداري ڏوهن جو الزام ناهي لڳو جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ 4 مختلف ڪيسن کي منهن ??ئي رهيو آهي ۽ مٿس مجموعي طور تي 91 الزام آهن.
چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil