مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزير ۽ سپريم حج ڪميٽي جي سربراهه شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف هلندڙ سال حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عم??دارن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. عرب نيوز موجب مڪي ۾ حج سيڪيورٽي ڪميٽي ?? حج سيڪيورٽي فورسز جي اڳواڻن سان ملاقات دوران شهزاد عبدلعزيز چيو ته سيڪيورٽي پلان جا لاڳو ڪيل مرحلا ڪامياب رهيا آهن ?? حج پانڌيئڙن کي مڪي تائين پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پيو آهي. هن وزارت جي سيڪيورٽي عم??دارن ۽ نيشنل گارڊ واري وزارت، دفاع واري وزارت، جنرل انٽيليجن?? پريذيڊنسي ۽ پريذيڊنسي آف اسٽيٽ سيڪيورٽي جي فوجي عم??دارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي جون ڪوششون ان وقت تائين جاري رهنديون جيستائين حج پانڌيئڙا آساني ۽ سڪون سان پنهنجون رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي وطن واپس نٿا هليا وڃن. پبلڪ سيڪيورٽي جي ڊائريڪٽر ?? حج سيڪيورٽي ڪميٽي جي سربراهه جنرل محمد البسامي حج سيڪيورٽي پلان جي نتيجن جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته هن حج سيزن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن سيڪيورٽي ۽ عسڪري عم??دار سيڪيورٽي پلان جي باقي مرحلن تي عم??درآمد لاءِ تيار آهن. اهڙي طرح حاجي سڳورن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو ويندو.
حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن: سعودي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے