گوادر – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گوادر فري زون جي پهرين فيز جو افتتاح ڪري ڇڏيو جيڪو پاڪ چين ا??تصادي راهداري جو اهم منصوبو آهي، وزيراعظم فري زون جو افتتاح هڪ خصوصي تقريب جي دوران ڪيو جيڪا گوادر پورٽ سٽي ۾ منعقد ٿي، تقريب ۾ چيني حڪومت ۽ علائقائي رياستن جي نمائندن به شرڪت ڪئي، صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سردار مسعود خان، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، گهرو وزير احسن ا??بال، ميري ٽائيم افيئرز جو وزير مير حاصل بزنجو، اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خصوصي مددگار مصدق ملڪ، چي??رم??ن جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، چي??رم??ن چائنا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني زانگ بائو زونگ، چي??رم??ن گوادر پورٽ اٿارٽي دوستين خان جمالديني، پاڪستان ۾ چين جي سفير زائو جنگ ۽ پاڪستان ۾ چين جي 93 کان وڌيڪ وڏين ڪمپنين جي نمائندن ۽ سيڙپڪارن شرڪت ڪئي
وزيراعظم پاران گوادر فري زون جي پهرين فيز جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن