اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير انوشه رحمان چيو آهي ته پاڪستان ”ميڊ ان پاڪستان“ پورٽل جا??ي ڪري رهيو آهي جي??و 50 هزار دستڪارن کي آن لائين آڻيندو، اها ڳالهه ه?? گذريل ڏينهن عالمي اقتصادي ف??رم جي موقعي تي اي ڪامرس بابت آءِ سي ٽي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستاني قدمن کي اجاگر ڪندي چئي، انوشه رحمان چيو ته پاڪستان ۾ اسان سوچون ٿا ته سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز (ايس ايم ايز) جي ترقي جو ڪراس بارڊر اي – ڪامرس جي ترقي سان سڌو سنئون تعلق آهي، هن چيو ته حڪومت سڌي سنئين وزيراعظم جي سربراهي ۾ اي – ڪامرس ??اليسي بورڊ جوڙيو آهي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت، واپار واري وزارت سان گڏ ان پاليسي تحت ملڪ ۾ جامع اي – ڪامرس ??اليسي فريم ورڪ جوڙڻ جي غرض سان تعاون ڪري رهي آهي جيڪا سمال بزنسز کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فائدو کڻڻ ۾ مددگار ٿيندو
پاڪستان ميڊ ان پاڪستان پورٽل جاري ڪري رهيو آهي: انوشه رحمان
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج