اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ ٻن مختلف آپريشن?? دوران 7 خوارج جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ آهي، ??هشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ڪامياب ڪاررواين دوران 7 خوارج مارڻ تي سيڪيورٽي فور??ز جي بهادري کي ساراهيو. صدر جو دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي ??ها??ت ماڻڻ تي لانس نائيڪ محمد امين شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري لانس نائيڪ محمد امين شهيد جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري لانس نائيڪ محمد امين شهيد جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر لانس نائيڪ محمد امين شهيد جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
صدر پاران سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات