اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذا??ب هم آهنگي واري وفاقي ??زير چوڌري سالڪ حسين سان يورپي يونين جي آزادي مذهب ۽ عقيدا بابت خصوصي ايلچي فرانس وين ڊيل وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، فرقيواريت جي خاتمي، امن قائ?? ڪرڻ ۽ بين المذا??ب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي ??زير چوڌري سالڪ حسين يورپي يونين جي خصوصي ايلچي کي مذهبي معاملن ۽ بين المذا??ب هم آهنگي واري وزارت ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين عدم برداشت جي رجحان ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پرامن گڏيل مستقبل کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ گڏجي ڪ?? ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي ??زير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ل??ءِ پرعزم آهي، بين المذا??ب هم آهنگي پاليسي جوڙي حتمي منظوري ل??ءِ ڪابينا ڏا??هن موڪلي آهي، مذهبي رواداري کي هٿي ڏيڻ ل??ءِ سمورن مذهبن ۽ مسلڪن کان 700 کان وڌيڪ عالم پيغام پاڪستان تي صحيحون ڪيون، مذهب جي آڙ ۾ ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي، ملاقات ۾ بين المذا??ب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ل??ءِ پاڪستان ۽ يورپي يونين ملڪن وچ ۾ گڏجي ڪ?? ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، وفد ۾ يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونا به شامل هئي.
وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان يورپي يونين جي خصوصي ايلچي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری