سرينگر-04 آگسٽ (اي پي پي) والاريل ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري (اڄ) 5 آگسٽ تي ”يوم استحصال ڪشمير“ طور ملهائيندا، ته جيئن 2019ع ۾ ان ڏينهن بي جي ??ي پاران هندو پرست حڪومت جي کنيل غيرقانوني قدمن خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن. ڪشمير مي??يا سروس ??وج?? بي جي ??ي جي اڳواڻي ۾ ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي گڏيل قومن جي ??هرائن ۽ عالمي قانون جي کليل نموني ڀڃڪڙي ڪندي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪندي علائقي کي فوجي ڪڙو چاڙهيو هو. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي ??ظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ شبير احمد شاهه ڪشميري عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 5 آگسٽ کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائين ته جيئن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڪشميري ڀارت جي ظالماڻن قدمن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي کي تسليم نه ٿا ڪن. حريت اڳواڻن جيل مان پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع والاريل ڄمون ڪشمير جي ??اءِ ڪارن ڏهاڙن منجهان هڪ آهي. هنن چيو ته 5 سالن جي ??اڳيتو فوجي ۽ پوليس ڪڙي، ظلم ۽ ڏاڍ توڙي انساني حقن جي ڀڃڪڙي?? سڄي علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن کي ڀارت جي ??ندو پرست حڪومت هڪ ٽارچر سيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
ڪشميري (اڄ) 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير طور ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز