لاهور – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قصور ۾ لڪي مروت دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فراز الياس جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئ??. و??يراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن محمد فراز الياس جي ميت کي ڪلهو پڻ ڏنو. جنازي نماز ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ع??اءُ الله تارڙ، انسپيڪٽر جنرل پنجاب سميت ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن ۽ جوانن پڻ شرڪت ڪئ??. و??يراعظم بعد ۾ ڪيپٽن فراز الياس شهيد جي پونئيرن تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيد جي ڳوٺ کي ماڊل وليج بڻائڻ جو اعلان ڪندي ڳوٺ کي فراز الياس شهيد جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر فرزندن تي فخر آهي، بزدل دهشتگرد امن قائم ڪرڻ جي اسان جي عزم کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ ڪنهن ڪنهن کي اهو عظيم مقام بخشي ٿو، قرآن مجيد ۾ فرمان آهي ته شهيد کي مرده نه چئو، اهي زندهه آهن، شهيد ڪيپٽن فراز الياس پنهنجي خاندان جي مغفرت جو سبب بڻجندا. هن چيو ته پاڪ فوج جي هزارين جوانن جانين جا ??ذرانا پيش ڪيا، آئون يقين ڏياريا?? ٿو ته شهيد جي عظيم قرباني رائيگان نه ويندي، شهيد جو رت ضرور رنگ لائيندو. محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ جي خاطر جان ڏيندڙن جي قرانين کي وساري نه ٿو سگهجي، پاڪ زمين تان دهشتگردن کي ختم ڪري ئي سک جو ساهه کڻنداسين. بعد ۾ لڪي مروت حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فراز الياس جي مڪمل فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئ??. و??يراعظم شهيد جي قبر تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي، قبر تي گل چاڙهيا ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. قصور جي ڳوٺ راءِ ڪلان سان تعلق رکندڙ 26 سالن جي شهيد ڪيپٽن محمد فراز الياس لڪي مروت ويجهو فرضن جي ادائيگي دوران آءِ اي ڊي حملي ۾ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي شهادت ماڻي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران شهيد ڪيپٽن محمد فراز الياس جي جنازي نماز ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین