شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر ۽ شين??ن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي ئي وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن کي اڄ ئي نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر سان ڳالهيون ڪري پاڪستان ۾ اهڙي جديد نظام جي قيام جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏ??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر پهچڻ تي شينزن نانشان ڊسٽرڪٽ پيپلز گورنمينٽ جي پارٽي ليڊرشپ گورنمينٽ جي ميمبر ۽ ڊپٽي ميئر لي زنها وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نانشان ون اسٽاپ سروسز جي دوري دوران وزيراعظم کي ڪمپنين جي هڪ ئي ڇت هيٺ رجسٽريشن ۽ ٻي ڪارروائي جي حوالي سان ڊيجيٽل نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئ??. و??يراعظم نانشان ون اسٽاپ سروسز ۾ ڪمپني ۽ ڪاروبار جي رجسٽريشن جي لاءِ جديد نظام کي ساراهيو. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان ۾ اهڙو نظام متعارف ڪ??ڻ جي لاءِ فوري طور تي نانشان ون اسٽاپ سروسز جي عملدارن سان ڳالهيون ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي ۽ هن چيني تعاون سان پاڪستان ۾ فوري طور تي اهڙا سينٽر قائم ڪ??ڻ جي لاءِ پاڪستاني عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئ??. و??يراعظم پاڪستاني عملدارن کي شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪ??ڻ جي لاءِ اهڙو ئي جديد ۽ تيز تر نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئ??. و??يراعظم شينزن جي ارتقاءَ ۽ ترقي جي حوالي سان قائم شين??ن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو. دوري دوران وزيراعظم کي شينزن جي ترقي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئ??. و??يراعظم ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ شينزن جي گهٽ مدي ۾ ترقي جي سفر کي ساراهيو.
وزيراعظم پاران شينزن ۾ نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر ۽ شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری