اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي آفيس ۾ جمهوريه ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو پنهنجي پاڪستاني هم منصب جي دعوت تي اسلام آباد جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن ويجهي مس??قب?? ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان ترڪيه اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ايندڙ ستين اجلاس جي تيارين جو پڻ جائزو ورتو. نا??ب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو. هن ات?? قبرص جي عوام جي جائز حقن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ پڻ ڪيو. بيان موجب ٻنهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين انساني ??ورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ محصور فلسطيني ??وام جي لاءِ فوري انساني ??مداد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ هڪ آزاد فلسطيني ??ياست قائم ڪرڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان کي جامع انداز ۾ حل ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. بيان موجب پاڪستان ۽ ترڪيه تاريخ، ثقافت ۽ مذهب سان واڳيل دوستي ۽ ڀائيچاري جي خصوصي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن جڏهن ته باقاعدگي سان ڳالهه ٻولهه ۽ اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا پاڪستان ۽ ترڪيه جي مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جي سڃاڻپ آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان جامع ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ