اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قو??ن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل ڪني وگنا راجا ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير 2022ع ۾ پاڪستان ۾ آيل تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ يو اين ڊي پي پاران پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۽ موسمياتي ڪارروائي جي حوالي سان ڪيل اهم ڪمن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪلائميٽ ريزيليئنس ۽ موافقت کي مضبوط بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن سميت سماجي ۽ اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ يو اين ڊي پي سان تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قو??ن جو نظام عالمي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏئي پائيدار ترقي جي هدفن سان گڏوگڏ موسمياتي ايجنڊا حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين سان س?? کان وڌيڪ خطري ۾ پوندڙ ملڪن جي امداد انهن کي قد??تي آفتن مان ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ وڌي?? بار بار ۽ وڌيڪ شديد موسمياتي اثرن سان هم آهنگ ٿيڻ جي قابل بڻائيندي. اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل وگنا راجا پاڪستان ۾ مختلف منصوبن جي لاڳو ڪرڻ ۾ يو اين ڊي پي سان مسلسل تعاون ۽ حمايت تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن گڏيل قو??ن ۾ پاڪستان جي فعال سفا??تي مصروفيتن کي پڻ ساراهيو.
پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان يو اين ڊي پي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بونانزا