اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن ۽ معذور ماڻهن سميت محروم طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ، مصنوعي ذهانت مان فائدو کڻڻ ۽ ڏاهپ سان فيصلاسازي کي ملڪ جي ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته نئين گريجوئيٽس کي عملي زندگي ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ عورتن کي پنهنجي ڪاروبار ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معذور عورتن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (آءِ سي ايم اي) جي ڪانووڪيشن جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر نئين گريجوئيٽس تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ملازمن جي ڀلائي ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي لاڳاپيل صنعتن سان گڏوگڏ معاشري ۾ پنهنجون ذميواريون به ادا ڪن. هن ت??لي??ي ادارن تي زور ڏنو ته اهي اڳواڻ پيدا ڪن ڇو ته ملڪ کي قيادت جي ??ديد کوٽ درپيش آهي جيڪا عوام ۽ قوم سان ايماندار هجڻ سان گڏوگڏ مسئلن کي حل ڪرڻ جي ??لاحيت رکندي هجي. صدر غزه ۾ جاري فوتگين جي مذمت جو ورجاءُ ڪيو. هن ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڀارت جي ??يرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 جي منسوخي کي برقرار رکڻ جي فيصلي کي رد ڪيو. صدر غزه ۾ ٿيندڙ ڏاڍ تي ترقي يافته دنيا جي ??مير تي سوال اٿاريندي چيو ته دنيا کي اخلاقيات تي ٻڌل اصولن جي ??خت ضرورت آهي جيڪو مسلمانن جو ميراث آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان مفادپرستي عالمي معاملن ۾ انسان دوستي تي حاوي آهي. هن چيو ته اٽڪل 28 ملين پاڪستاني ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ انهن کي پنهنجي مستقبل کي روشن ڪرڻ جي لاءِ مدد جي ??رورت آهي. صدر چيو ته ملڪ کي پروفيشنل گريجوئيٽس جي کوٽ درپيش آهي تنهن ڪري انهن کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي ??رغيب ڏيڻ جو طريقو بنا جواز آهي. صدر چيو ته نئين گريجوئيٽس کي عملي زندگي ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ عورتن کي پنهنجي ڪاروبار ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معذور عورتن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ پنهنجي ??جياڻي واري خطاب ۾ آءِ سي ايم اي جي ??در شهزاد احمد ملڪ چيو ته ادارو معياري ت??لي?? فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ڇو ته اهو بهترين عالمي طريقن کي اختيار ڪندي پنهنجي معيار کي مسلسل بهتر بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته آءِ سي ايم اي خطي جي قديم ترين ادارن مان هڪ آهي جنهن جا 8 هزار اهل ميمبر ۽ 18 هزار فعال شاگرد آهن. هن چيو ته انسٽيٽيوٽ دنيا جي ناليوارن پيشيور ادارن سان پڻ واڳيل آهي ۽ هو صنعتن ۽ ڪاروبار جي ??ڀرندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. آءِ سي ايم اي جي ??در چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي بهترين عالمي طرز عمل اختيار ڪندي آءِ سي ايم اي پنهنجي نتيجن ۾ نمايان بهتري آندي آهي جنهن کي بعد ۾ صدر پڻ ساراهيو. ڪانووڪيشن جي ??قريب ۾ سفارتڪارن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ??درن ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن کانسواءِ شاگردن ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن جي والدين پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ صدر نئين گريجوئيٽس کي سرٽيفڪيٽس ۽ ڪائونسل جي ميمبرن کي ميڊلز ڏنا.
ملڪ کي قيادت جي شديد کوٽ درپيش آهي، تعليمي ادارا اڳواڻ پيدا ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر