ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين ??ان لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي ??من ۽ ترقي جو ضامن آهن، سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کان وٺي ثقافتي ۽ عوام ??ان عوام جي لاڳاپن تائين تعاون جي مختلف شعبن ۾ رابطن کي گهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ارومچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پولٽ بيورو جي مرڪزي ميمبر ۽ سنڪيانگ ايغور خودمختيار علائقي جي پارٽي سيڪريٽري مازنگروئي ??ان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چين ??ان دوستي جي حوالي ??ان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته چين ??ان لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي ??من ۽ ترقي جو ضامن آهن. بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ ??ان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چيني قيادت جي مضبوط ذاتي عزم کي ساراهيو. پاڪستان جي لاءِ سنڪيانگ جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هي خطو پاڪستان ??ان جاگرافيائي، تاريخي ۽ ثقافتي ڳانڍاپي جي ڪري هڪ خاص اهميت رکي ٿو. هن سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کان وٺي ثقافتي ۽ عوام ??ان عوام جي رابطن تائين تعاون جي مختلف شعبن ۾ رابطن کي گهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. سنڪيانگ جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي پارٽي جي سيڪريٽري مازنگروئي چيو ته ڪيترن ئي ??عبن ۾ پاڪستان ۽ سنڪيانگ لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن سنڪيانگ پاران پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ واپار جا موقعا ڳولڻ ۽ خنجراب – سوست بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي واپاري ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ آ??ان بڻائڻ جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پاڙيسري علائقن جي وچ ۾ تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو ضامن آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار